Mirani - Columnist - Hyderabad, Sindh, Pakistan

Mansoor Mirani

Hyderabad, Sindh, Pakistan

Services

Columnist

Summary:

I am a columnist, I write for several sindhi newspapers in Sindh.

Work History

Marketing Manager

indusilicon software

From October 2012

Sub-editor

The Kawish Daily News Paper

June 2012 - October 2012

Founder, CEO

Surhaan Software

Projects

سنڌ ۽ ماحولياتي تبديلي

منصور ميراڻي

”هاڻي هي اسان کي ائين نه ڇڏيندو “ باه جي آڙاه تي ويٺل ڪراڙي مهاڻي سمنڊ جي لهرن کي ڏسي الائي آڪاش ڏانهن کڻيل نظرن کيس اطلاع ڏنو هو پر سندس ڳنڀيرتا وارين ريکائن کي ڪنهن به سنجيده نه ورتو هو پر سگهوئي 1990 واري طوفان سندس ان ڳالهه کي ثابت ڪيو هو ايڏي وڏي پيماني تي سامونڊي تباهي سندن ابي ڏاڏي جي ياداشتن جي ڪتاب لکيل نه هئي چرب زبان اين جي او ڪارڪنن ته کين الائي ڪهڙا ڊپ ٿي ڊنا سندن پروجيڪٽن جي پريزينٽيشنس ڀلي کڻي ڇا به پر هاڻي اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته هن وقت هن مصروف عالم جو سڀ کان وڏن مسئلن مان هڪ مسئلو عالمي گرمي پد يا گلوبل وارمنگ به آهي، عالمي گرمي پد ڌرتي جي سراسري گرمي پد (Temperature) ۾ واڌ کي چئبو ٿو ويهين صدي کان وٺي ڌرتي جي گرمي پد ۾ 0.8 سينٽيگريڊ گھٽتائي آئي پر 1980 کان وٺي ٻيڻي واڌ ٿي آهي. جيتوڻيڪ ته آبهوا جو گرم ٿيڻ جي نسبت واضع ناهي پر سائنسدانن کي 90 سيڪڙو يقين آهي ته گرمي پد ۾ واڌ جو بنيادي ڪارڻ گرين هائوس گئسون آهن جيڪي انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيو ٿين جهڙوڪ ٻيلن جي واڍ ۽ نامياتي ٻارڻ جو استعمال شامل آهي سنڌ ۾ ته هٿ وٺي ڌاڙيلن جي نالي ۾ ٻيلن کي ساڙيوويو. ماحولياتي تبديلي جي بين القوامي پينل جي رپوٽ موجب 21هين صدي دوران گرين هائوس گئسن جي استعمال مان اندازو لڳايو ويو آهي ته زميني سطح جي گرمي پد ۾ گھٽ ۾ گھٽ 1.1 کان 2.9 سينٽيگريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 2.4 کان 6.4 سينٽيگريڊ واڌ ٿيندي. ڌرتي جي گرمي پد ۾ واڌ جي ڪري سمنڊ جي سطح، برساتن ۽ برف باري ۾ به واڌ ٿي آهي ۽ سب ٽراپيڪل Subtropical ريگستان به وسيع آهن. گرمي پد ۾ واڌ جو سڀ کان وڌيڪ اثر اتر وارن علائقن ۾ ٿئي ٿو جتي خشڪي وڌيڪ آهي. ٻيا اهڙا اثر جن ۾ شديد موسم ، گرمي جي لهر، ٻوڏ، شديد برساتون، گرمي پد جي منتقلي سبب پرجاتين جو ختم ٿيڻ ۽ فصلن جي پيداوار ۾ تبديليون. وغيره شامل آهن. گرمي جي شدت ۽ ان سان ڳنڍيل تبديليون هن هنڌ ٻئي هنڌ مختلف هونديون آهن. جيڪڏهن زمين جي سراسري گرمي پد ۾ 4 سنيٽيگريڊ واڌ اچي ته يقنن دنيا جي ڪيترن ئي حصن گرمي پد جي سطح انساني مطابقت کان وڌي ويندي جڏهن ته ماحولياتي سرشتو (Ecosystem) يعني ماحول جنهن جي مٿان انساني زندگي انحصار ٿي ڪري ان بچاءُ ٿي نه سگھندو. ڌرتي تي هوا ۽ سمنڊ جي سراسري گرمي پد ۾ واڌ، وڏي پيماني تي برف جو پگھرجڻ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ ماحولياتي نظام جو گرم ٿيڻ جو ثبوت آهن. 1906ع کان 2005ع تائين گرمي پد ۾ 0.18 کان 0.74 سينٽيگريڊ تائين واڌ ٿي. ان عرصي دوران نواب شاه شهر ۽ آسپاس جا علائقا سبي شهر جي ڏيک ڏيڻ لڳا آهن زمين جي گرمي پد سج سان گڏو گڏ وڌنڌي رهي ٿي، سج جي زمين ۾ ايندڙ روشني مان رڳو 30 سيڪڙو ئي خلا طرف موٽ کائي ٿي باقي رهيل 70 سيڪڙو سمنڊ، خشڪي ۽ ماحول ۾ جزب ٿيو وڃي. جيئن ٽڪر، هوا ۽ سمنڊ گرم ٿا ٿين ته انهن جي گرم ٿيڻ سان انهن منجھان گرمي واري توانائيءَ تابڪاري جي صورت ۾ ٻاهر ٿي نڪري، ان توانائي جو گھڻو حصو پاڻِي جي بخارن جي صورت اختيار ٿو ڪري ۽ گرين گائوس گئسون جزب ٿيون ڪري وٺن. زمين جي سطح مان جڏهن اها گرمي ٻاهر نڪري رهي هوندي آهي ته پاڻي جا ننڍڙا ذرا ۽ گرين هائوس گئسون بارڪ هيٽرن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ ماحول ۾ گرمي پيدا ڪندا رهندا آهن. سائنسدانن موجب گذريل 250 سالن کان انسانن پاران گرين گائوس گئسن جو مصنوعي طور تي تيز استعمال ڪري رهيا آهن جنهن به اڃا به تيز رفتاري سان واڌ اچي رهي آهي. گھڻو ڪري نامياتي ٻارڻ جو استعمال ۽ ٻيلن جو وڍجڻ به اهم سبب آهي. ماحول ۾ هن وقت گرين هائوس گئسن جو مقدار وڌي ويو آهي. 1750 ع کان دنيا ۾ صعنتڪاري جو دور شروع ٿيو آهي (سنڌ ۾ ڪوٽري حيدرآباد ۽ نوري آباد ۾ واقع صنعتن جي مالڪن جو ڌايون هئڻ هن خطري کي ويتر وڌائي ڇڏيو آهي ) سڄي دنيا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي پيداوار ۾ 2009 تائين 38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ميٿن گئس جي سطح ۾ 148 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. قدرتي آفتن جو ڪارڻ به ڪنهن حد تائين عالمي گرمي پدآهي. گليشيئر ۽ آئيس ڪيپ جي پگھرجڻ سان وولڪينو (آتشي جبل) ۾ اضافو ٿئي ٿو. جبلن تان برفاني ڍڪ هٽجڻ سان آتشي جبل (Volcano) تان دباءُ گھٽجي ٿو جنهن جي ڪري زمين جي اندرا لاوا (Lava) ٻاهر نڪرڻ شروع ٿئي ٿو. انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو تقربا اڌ حصو سمنڊ ۾ هليو ٿو وڃي جڏهن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سمنڊ جي پاڻي ۾ حل ٿيو وڃي ڪاربانڪ ايسڊ ( Carbonic Acid) جي اختيار ڪري ٿو وڃي جيڪو سمنڊ ۾ لوڻياٺ پيدا ٿو ڪري.عالمي گرمي پد(Global Warming) جا علائقائي اثر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين مختلف آهن. ڪنهن ڪنهن هنڌ اهو هڪ عام، قدرتي قسم جي تبديلي جي ڪري ٿئي ٿو جيئن وڌنڌڙ گرمي پد جيڪا مقامي علائقن تي اثر ٿي وجھي، جهڙوڪ برف جو رجڻ. هڪ اهڙي تبديلي خاص طور تي سمنڊ يا موسم تي اثر انداز ٿئي ٿي اهم ٽي طريقا آهن جن سان عالمي گرمي پدجي ڪري علائقائي آبهوا ۾ تبديلي اچي ٿي. برف جو رجڻ يا ٺهڻ، پاڻي جي بخارجڻ ۽ برسات جي سلسلي ۾ تبديلي، سمنڊ ۾ ڪرنٽ ۽ آبهوا ۾ هوا جي وهڪري جي تبدلي.سامونڊي ڪنارا اهڙا علائقا آهن جن تي سمنڊ جي سطح ۾ واڌ جي ڪري تمام گھڻو اثر انداز ٿين ٿا. جيتوڻيڪ ته وڻ ماحول جو توازن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ٻيلا انساني زندگي جي اهم حصو آهن. وڌنڌڙ شهري آبادي ۽ قدرتي ذريعن جي استعمال ۾ به واڌارو اچي رهيو آهي. ان ڪري ٻيلن جي واڍ ۾ اضافو اچي رهيو آهي. جئين ته ٻيلن جي واڍ سان انسان کي ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ٿين پر ٻيلن جي خاتمي ماحول، آبهوا ۽ موسم ان وڌيڪ گهرو اثر پئجي رهيو آهي. ماحولياتي تبديلي انساني زندگي تي تمام گهرا اثر وجھي رهي آهي. مستقبل ۾ 2050 تائين دنيا جي ڪيترائي وڏا شهر سمنڊ جي سطح ۾ واڌ اچڻ ڪري خطري ۾ آهن. ڪافي ملڪ ريگستانن جي شڪل اختيار ڪري ويندا. ڪروڙين ماڻهو پيئڻ جي تازي پاڻي کان محروم ٿي ويندا.دنيا جي ڪيترا ئي حصن طوفان جي ٻوڏ جي گھيري هيٺ ايندا جنهن سبب تعميراتي ڪمن کربين رپيا خرچ ٿيندا. گذريل 30 سالن تقريبا 4 لک چورس ميل آڪرٽڪ جي برف اڳي رجي چڪي آهي ۽ ايندڙ 30 سالن ۾ 25 سيڪڙو ٻوٽن ۽ جانورن جا قسم باقي نه رهندا. اڳي هلي ماڻهن کي خطرناڪ قسمن جي بيمارين، سخت موسم ۽ ڪاربان جي استعمال ۾ سختين کي منهن ڏيڻو پوندو. جڏهن ته مستقبل ۾ غريب ملڪ اميرملڪن تي ۽ اميرملڪ غريب ملڪن تي گرمي پد جو ڏوھ مڙهيندارهندا آهن. ايندڙ وقت ۾ دنيا لاءِ دهشت گردي، شرپسندي کان وڌيڪ گرمي پد قومي سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو هوندو.عالمي گرمي پدکي گھڻي قدر گھٽائي سگھجي ٿو جيڪڏهن اسان انسان جو هٿرادو پيدا ڪيل سبب ڪڍي ڇڏيون ته عالمي گرمي پد۾ يقيني گھٽتائي آڻي سگھجي ٿي. اها رڳو هڪ رياست نه پر هر هڪ فرد جي ذمينداري آهي ته پنهنجي ضرورتن ۾ توانائي جي کاپي کي گھٽتائي. ڪو به فرد پنهنجي گھر جي استعمال جي شين ۾ مثال طور بجلي جو استعمال، نامياتي ٻارڻ جو استعمال ۾ گھٽتائي ڪرڻ ۽ ذاتي گاڏي جو بجائي پبلڪ ٽراسپورٽ ذريعي سفر ڪرڻ اهڙي طريقي سان نه رڳو خرچ بچائي سگھجي ٿو پوري دنيا جنهن خطري کي منهن ڏئي رهي آهي ان سان منهن ڏئي سگھجي ٿو.عالمي گرمي پدکي ظابطي آڻڻ لاءِ سڀ کان اول مقصد اهو هجڻ گھرجي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين گرم پد ۾ واڌ جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سجاول لڳ سلهه جي بيماري سبب سهڪندڙ هاري جي ان ڳالهه ۾ الائي ڪيترو وزن آهي ته مٿان درياءُ هيٺان سمنڊ اسان سڀ کان پهرين تباه ٿينداسين توڙي جوکيس انگن اکرن ۾ اها ڄاڻ ناهي ته اڍائي ڏهاڪن ۾ سمنڊ ، ڪلاچي جي ڪُن ۾ ويٺل ڪنهن مانگر مڇ جيان ، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي جنهن جي واپسي لاءِ نئين سنڌ کي نئين مورڙي ميربحر جي تلاش ڪرڻي پوندي
mansoormirani@gmail.com

Qualifications & Certifications

Intermediate (HSC)

Intermediate (HSC)

Matriculation

Matriculation

Govt Naz Pilot Secondary School, Khairpur

Govt Naz Pilot Secondary School, Khairpur

Shaheen Public Higher Secondary School Mirpur Mathelo

Shaheen Public Higher Secondary School Mirpur Mathelo

University of Sindh

University of Sindh

Skillpages has been acquired by Bark.com!

Bark.com is pioneering the way people find local services. Skillpages is the world’s premier directory of service providers.

Find out more


Are you sure that you want to leave?

   
Supported Countries
Choose your country

×